آزاد پبليڪيشن شڪارپور

آزاد پبليڪيشن شڪارپور: آزاد پبليڪيشن جو باني عطا الله ڀٽو هو، جنهن 1966ع ۾ هيءَ پبليڪيشن قائم ڪري سلسليوار’مهراڻ ڊائجسٽ‘ جي سيريز جاري ڪئي. ’مهراڻ ڊائجسٽ‘ جو مرتب اين. ايڇ ڀٽو هو.هن ڊائجسٽ ۾ ملڪي، تاريخي، ادبي ۽ نفسياتي موضوعن تي مواد شايع ڪيو ويندو هو. هڪ سال کان پوءِ ’آزاد پبلڪيشن‘ ۽ ’مهراڻ ڊائجسٽ‘ جي اشاعت بند ٿي وئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو